دلشاد منزل

دلشاد منزل

دلشاد منزل

دلشاد منزل: خيرپور ميرس ريلوي اسٽيشن کان اُتر- اوڀر طرف 250 والن تي مشتمل هي محل 1909-1906ع (گهٽ وڌ) ڌاري سنڌ ۾ ٽالپر دؤر جي حاڪم خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر پنهنجي گهرواري اقبال بيگم عرف بيبي باليءَ لاءِ ٺهرايو. باليءَ جي نالي سان منسوب هن محل کي ’باليءَ جي بنگلي‘ سان پڻ سڏيندا آهن. هي محل تقريباً 250 والن جي ايراضي تي ٺهيل آهي. محل جي چؤڌاري قلعي نما ڀت تعمير ٿيل آهي. وچون هال 30x25 فوٽ اهي، هن هال جي اترئين ۽ اولاهين ڀت ۾ ٻه وڏا آئينا لڳل آهن، جن جي ماپ 6x4 آهي. ساخت جي لحاظ سان هي محل ڊيگهه ۾ اوڀر- اولهه ۽ ويڪر ۾ ڏکڻ- اوڀر طرف آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو